پروفيسربرڪت علي ‘ڪريمي’ ابڙو

پروفيسربرڪت علي ‘ڪريمي’ ابڙو

برڪت علي ڪريمي ابڙو پروفيسر

برڪت علي ‘ڪريمي’ ابڙو،پروفيسر: شاعر ۽ اديب پروفيسر برڪت علي ابڙي،10 سيپٽمبر 1947ع تي نصرپور شهر جي ابڙا محلي ۾ احمد خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي سنڌي تعليم گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، نصرپور مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1963ع ۾ ڊي. سي هاءِ اسڪول نصرپور مان ڪيائين ۽ ان ئي سال پرائمري استاد مقرر ٿيو. ملازمت دوران پرائيويٽ بنيادن تي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان بي. اي 1967ع ۾ ڪرڻ کانپوءِ بي. ايڊ 1969ع ۾ ۽ ايم. اي (مسلم هسٽري) 1971ع ۾ ڪيائين. 1973ع ۾ پرائمري استاد مان ترقي ماڻي، هاءِ اسڪول ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. 1975ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، اسلامي تاريخ جي سبجيڪٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان پوءِ ترقي ڪري پروفيسر ٿيو. 2007ع ۾ ايس. ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان پرنسپال جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. پاڻ ديوبند عالمن جي فڪر کان گهڻو متاثر آهي. مٿس شيخ الهند مولانا محمودالحسن جي تحريڪ جو پڻ گهڻو اثر آهي. هن 75-1974ع ۾ سنڌي ترجمي سان قرآن مجيد پڙهي پورو ڪيو ۽ عربي ۾ حفظ پڻ ڪيو. کيس لکڻ پڙهڻ سان گهري دلچسپي رهي آهي، نوڪري دوران معلوماتي ۽ تاريخي مضمون لکندو رهيو آهي.جن مان اڪثر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع پڻ ٿيا. هن پنهنجي محلي ۾ ”الخادم المدني“ اشاعت گهر قائم ڪيو. جتان ڪيترائي تاريخي ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ جمعيت العلماءِ هند جو نصب العين (تعارف/تاريخ)،انڊين يونين ۽ مسلمانن جو آئندو، انڊين يونين ۽ مسلمانن جو مستقبل، حسين رضه ۽ يزيد(ترتيب ۽ ترجمو) راهنما(ترجمو)۽ شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني-حيات ۽ سندس ڏنل تعليم(ترتيب ۽ ترجمو) شامل آهن. ان کانسواءِ پاڻ شاعري به ڪندو رهي ٿو. سندس ڪيتري ئي شاعري مختلف علمي ادبي رسالن ۾ شايع ٿي چڪي آهي. شاعري ۾ ’ڪريمي‘ تخلص ڪتب آڻيندو آهي. هن وقت پاڻ وڏي عمر جي باوجود شام جي وقت قرآن مجيد جو درس ڏيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.09.10  عيسوي

شاعر ۽ اديب پروفيسر برڪت علي ابڙي،10 سيپٽمبر 1947ع تي نصرپور شهر جي ابڙا محلي ۾ احمد خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد شاڪر
سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
عـبـدالله وريـاهه
نظر علي فقير زنگيجو
چانڊيو نظام الدين
انور ساگر ڪانڌڙو
امير بخاري
محمد محسن پاٽولي ٺٽوي
حداد حاجي محمد
رحيم بخش قمر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون